صديق بجلي سولنگي

صديق ‘بجليسولنگي: نامور سگهڙ صديق ‘بجليءَ’ جو پورو نالو محمد صديق ولد سومر خان سولنگي آهي. سندس جنم 1957ع ڌاري ڳوٺ صوبيدار محمد حسن سولنگي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. مقامي اسڪول مان پنج درجا سنڌي تعليم حاصل ڪيائين. ان بعد مختلف مدرسن مان ڪيترن ئي وڏن عالمن کان ديني تعليم حاصل ڪري دستاربند ٿيو. 1985ع ڌاري سگهڙن جي سٿ ۾ شامل ٿيو فقير غلام سرور ڪلهوڙي جي شاگرديءَ هيٺ مختلف صنفن ۾ لکڻ شروع ڪيائين. هي شعر ۾ ’صديق‘ تخلص طور ڪتب آڻيندو آهي، پر پنهنجي انداز سبب ’بجلي‘ جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سينگار، هنر، پهاڪو، ڏور، ڳجهارت ۽ ٻين ڪيترن ئي صنفن ۾ گهڻو لکي چڪو آهي. سگهڙن جي تنظيم ’سگهڙ لوڪ ادب تنظيم‘ (سلات) ضلعي نوشهري فيروز جو نائب صدر پڻ رهي چڪو آهي. کيس لوڪ ادب ۾ مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ انعام پڻ مليا آهن. هن وقت پنهنجي ابائي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي ۽ ديني خدمتن سان گڏ پنهنجو ادبي شوق جاري رکيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو